شناختي ڪارڊ
محمود درويش
ها، لک!
مان هڪ عرب آهيان
۽ منهنجي ڪارڊ جونمبر
پنجاهه هزار آهي،
منهنجا اٺ ٻار آهن،
نائون هن سال ٿيندو۔
ان ۾ ڪاوڙ ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟
ها، لک!
مان هڪ عرب آهيان،
پٿر ڪُٽيندڙ مزورن سان گڏ،
ڪم ڪندو آهيان،
مون کي اٺ ٻار آهن
انهن لاءِ ٽڪرين منجھان ماني ،
ڪپڙا ۽ لکڻ جون ڪاپيون،
تراشيندو آهيان،
تنهنجي در تي پنڻ ناهيان ويندو،
مون کي ڪمتر نه سمجھه،
ان ۾ ڪاوڙ ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟
ها، لک!
مان هڪ عرب آهيان،
هل نالو، ڪنهن لقب کان بغير،
هڪ اهڙي شهر ۾ آهيان،
جتي هر شيءِ
ڪاوڙ جي ڪُن ۾ زندهه آهي،
منهنجو پاڙون،
وقت جي پيدائش کان اڳ،
زمانن جي شروع ٿيڻ کان اڳ،
ضوبر ۽ زيتون جي وڻن کان اڳ،
ٻج ڦٽڻ کان اڳ،
قائم هيون،
منهنجي پيءُ جو تعلق ،
“هل” خاندان سان هيو،
ڪنهن وڏي گهراڻي سان نه.
منهنجو گهر چوڪيدار جي
جھڳي آهي،
ڪکن ۽ ڪانن جي ٺهيل،
منهنجو رتبو ڄاڻي وئين؟
مان هڪ نانءُ آهيان،
بغير ڪنهن ذات جي.
ها، لک!
مان هڪ عرب آهيان،
وارن جو رنگ - ڪارو،
اکيون- ناسي،
منهنجو پتو، هڪ ڳوٺ،
ڏورانهون، وسريل ڳوٺ،
جنهن جون ڳليون،
بي نام آهن،
رهائش، ٻنين ۽ کاڻين ۾
ان ۾ ڪاوڙ ڪرڻ جي
ڪهڙي ڳالهه آهي؟
ها، لک!
مان هڪ عرب آهيان،
تون منهنجي وڏڙن جون،
ٻنيون چورايون،
جنهن ۾ اسين ان اپائيندا
هئا سين،
تو منهنجي پوٽن ۽ پوٽين لاءِ ڪجهه به ناهي بچايو،
انهن ٽڪرين کان سواءِ
جن بابت چوندا آهن ته،
توهان جي حڪومت واپس وٺندي۔
ها، لک!
مان ماڻهن کان نفرت ناهيان ڪندو،
مان ڪنهن جي به علائقي
مان ناهيان گذرندو،
پر جيڪڏهن مون کي بُک لڳي،
ته غاصب کي ڪچو
کائي ويندس۔
ڊڄ، ڊڄ!
منهنجي بُک کان،
منهنجي ڪاوڙ کان!!!
No comments:
Post a Comment